سنڌ سياحن جي نظر ۾

سنڌ سياحن جي نظر ۾

سنڌ سياحن جي نظر ۾

سنڌ سياحن جي نظر ۾ (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اديب، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جي تحقيق تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ ۾ آيل پرڏيهي سياحن جو تفصيلي ذڪر موجود آهي، جن مان ڪي نوڪريون ڪرڻ آيا ته ڪي وري قبضي جي خيال کان آيا. ڪتاب کي ڪل ڇهن بابن ۾ ورهايو ويو آهي، جن مان باب پهريون: يوناني سياح، باب ٻيو: چيني سياح، باب ٽيون: عرب سياح ۽ جاگيردار، باب چوٿون: ترڪ ۽ افغان سياح، باب پنجون: مغربي سياح، باب ڇهون: سيوهڻ: سـياحـن ۽ پرڏيهي مـؤرخن جي نـظـر ۾- تذڪري هيٺ آيل ڪيترن ئي سياحن جو سنڌ ۾ ساراهه جوڳو ڪم ڪيل آهي ۽ انهن سنڌ جي جاگرافي، ثقافت، رهڻي ڪهڻي ۽ ٻوليءَ بابت ڪيترائي تحقيقي ڪتاب به لکيا آهن.
ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان 168 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، روشني پبليڪيشن ڪنڊياري سال 2001ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ ڪتاب جي قيمت 100 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو